ASB Entertainment
Welcome to the official page of ASB Entertainment, Get the high-grade and unexplored comedy trends.
20/09/2026
ايم ڊي ڪيٽ مافيا آڏو ديوار بڻيل سکر آءِ بي اي!
ڪڏهن ڪڏهن هڪ ادارو صرف عمارتن، ڪمرن ۽ ڪرسين سان نه، پر اصولن، ايمانداري ۽ ميرٽ سان سڃاتو ويندو آهي.
سکر آءِ بي اي به اهڙو ئي ادارو آهي.
جنهن اداري جو بنياد عظيم تعليمي شخصيت نثار احمد صديقي صاحب پبلڪ اسڪول جي صرف ٻن ڪمرن مان رکيو، اهو ادارو اڄ نه رڳو پاڪستان، پر عالمي سطح تي به پنهنجي تعليمي معيار، ميرٽ ۽ شفافيت جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو.
ٽي سال اڳ سنڌ ۾ ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ پي ايم ڊي سي جي انتظام هيٺ ٿيندي هئي، جتي هر سال پيپر ليڪ ۽ ٻين بي ضابطگين بابت سوال ۽ خدشا سامهون ايندا رهيا.
پوءِ عدالتي حڪم تحت ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ جي ذميواري سکر آءِ بي اي کي ڏني وئي.
۽ نتيجو؟
ٽيون ڀيرو به پيپر ليڪ نه ٿيو!
هي صرف هڪ امتحان جي ڪاميابي ناهي؛
هي ان اعتماد جي ڪاميابي آهي، جيڪو شاگردن، والدين ۽ عام ماڻهن کي ميرٽ جي نظام تي آهي.
جڏهن اسان جي سماج ۾ امتحانن بابت نتيجن کان اڳ ئي سفارش، پئسن ۽ ريٽ لسٽن جون ڳالهيون شروع ٿي وڃن، جڏهن مختلف امتحان عدالتن ۾ چئلينج ٿيندا رهن، تڏهن سکر آءِ بي اي جهڙو ادارو ماڻهن لاءِ اعتماد جي علامت بڻجي وڃي ٿو.
۽ ان اعتماد جي پويان صرف هڪ شخص نه، پر هڪ پوري ٽيم جي محنت آهي.
نثار صديقي صاحب جسماني طور اسان وٽ نه آهي، پر هن جيڪا ٽيم ۽ ادارتي سوچ ڇڏي، اها اڄ به سکر آءِ بي اي کي اڳتي وٺي وڃي رهي آهي.
وائيس چانسلر سکر آءِ بي اي يونيورسٽي، ڊاڪٽر آصف شيخ صاحب ۽ سندس سموري جاکوڙي ٽيم کي جس هجي، جن ميرٽ، شفافيت ۽ اعتماد کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن ادارن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، جتي شاگرد جي مستقبل جو فيصلو سفارش يا پئسي سان نه، پر قابليت ۽ ميرٽ سان ٿئي.
سکر آءِ بي اي — ميرٽ جو نالو، اعتماد جي سڃاڻپ!
ڊاڪٽر آصف شيخ ۽ سندس ٽيم لاءِ هڪ لفظ يا هڪ جملو ضرور لکو. ❤️
سکر آئي بي اي جو وي سي آصف شيخ صاحب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاڳي رهيو هيو، هو پنهنجي ڪم سان انتهائي مخلص آهي، ڪاش سنڌ جي هر يونيورسٽي اندر آصف شيخ جهڙا وي سي هجن
وائس چانسلر سکر آئي بي اي يونيورسٽي آصف شيخ صاحب گرمي ۽ بلڊ پريشر گهٽجي وڃڻ سبب بيهوش ٿيو، هاڻي سندس طبيعت بلڪل بهتر آهي.
سندھ کے میڈیکل کالجز میں داخلہ کے لیے آج سکھر آئی بی اے کے زیر اہتمام ایم ڈی کیٹ ٹیسٹ ہورہا ہے، پورے سندھ میں 34 ہزار طلباء اور طالبات ٹیسٹ دے رہے ہیں.
19/09/2026
سنڌ جي تقسيم، نوان صوبا ۽ سنڌ پوليس
ملڪ اندر ڪافي وقت کان نون صوبن جو بحث پيو هلي، نون صوبن ۽ سنڌ جي تقسيم خلاف سنڌ اندر سياسي توڙي سماجي اڳواڻ پرامن احتجاج به ڪن ٿا ته سنڌ پوليس انهن کي گرفتار به ڪري ٿي ۽ انهن خلاف ڪيس به داخل ڪري ٿي.
ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ خاص طور خالد مقبول صديقي، فيصل رضا عابدي سرعام پريس ڪانفرنسز ۽ ٽي وي شوز جي اندر ماڻهو مارڻ ۽ ماڻهن کي هٿيار کڻڻ لاءِ اڪسائي رهيا آهن پر انهن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ٿئي.
جيڪا سائبر ڪرائيم ايجنسي ورهاڱي واري موقف خلاف اياز لطيف پليجي کي نوٽيس موڪلي ٿي اها خالد مقبول پاران ماڻهن علي هٿيار کڻڻ، خانه جنگي ۽ فيصل رضا عابدي پاران مانھ کي قتل ڪرڻ جهڙن بيانن تي انهن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪري.
سنڌ اندر سنڌُ ڪارڊ ايترو سستو ڇو آهي جو جنهن سان به مسئلو ٿئي ٿو انکي قوم مسئلو بڻائي پيش ڪجي ٿو، سڀ جي ايڏا سنڌ دوست آهن پوءِ به سنڌ سورن ۾ ڇو؟؟
منهنجي دلبر کي مَڳي ڪيڏي نه آ 😂😂
آچر جانيءَ جا جلوا ئي پنھنجا آهن
ڇا ڪنهن وڪيل کي جُڳائي ته ورديءَ ۾ ملبوس پوليس اهلڪار کي چماٽَ هڻي.؟
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ملزم بادشاه جي ضمانت رد ٿيڻ بعد کيس پوليس اهلڪار کيس گرفتار ڪيو ته وڪيل صاحب پوليس واري کي چماٽَ وهائي ڪڍي.
جيڪڏهن قانون جا محافظ ئي ائين ڪن ته پوءِ ٻين تي ڪهڙي معيار، اهڙن واقعن جي مذمت ٿيڻ گهرجي
حوثی باغیوں کی طرف سے کل مقدس شہر مکہ پر میزائل داغے گئے جسکو سعودی فورسز نے مکہ کے فضائی حدود سے باہر ہی گراکر تباہ کیا، حوثیوں کا یہ عمل قابل مذمت ہے
توکي پيار ڪرڻ جو ڪو ڊسپرن ناهي، تنهنجو ڪهڙو ڪم حليما سان ڳالهائڻ جو، تنھنجو ڪهڙو ڪم شبانہ سان ڳالهائڻ جو تنهنجو ڪهڙو ڪم آ فرزانه سان ڳالهائڻ جو
تون شيخ آن ته مڙس ماڻهو آهين؟؟ تون ڪيبن کول ته خبر پَوي
Click here to claim your Sponsored Listing.
Category
Contact the establishment
Website
Address
City Centre
Dammam